درٻار مهدي سائين

درٻار مهدي سائين (ماڳ): هيءَ ماڳ راڻيپور ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. هن يادگار جي مهاڙي سڌي، خوبصورت ڪنگرن ۽ برجين سان سينگاريل آهي. هن جي ستون بنديءَ ۾ سڌا ۽ گول کنڀا استعمال ٿيل آهن. ٻٽن ٿنڀن جي مدد سان ست لنگهه ورانڊي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ آهن. ڪنڊن تي ٿنڀ (Piers) آهن. سڄي ستون بنديءَ جي مٿان هڪ ڪافي ٻاهر تي وڌيل ۽ سڌي ڪنگر (Cornice) آهي، جنهن جي مٿان ويڪرو، لسو، گول سوراخن سان ٿنڀ آهي. مهاڙيءَ جي چئن برجين مان وچ واريون ٻه برجيون وڌيڪ اوچيون آهن. سمورين ننڍين وڏين برجين جي چوٽين تي نيلون آهن. ڇت گنبذ سان آهي، جنهن جو ڳچ اٺڪنڊو آهي، جنهن جي پاسن تي خوبصورت رنگين روايتي نقش آهن. گنبذ جي چوٽي اونڌي ڪنول جهڙي ڪلنگي نيل سان سينگاريل آهي. مهدي شاهه لنگ نڪتل صوفي فقير هو، سندس صوفي نقطئه نظر جي شاعري سنڌ ۾ گهڻو ڳائي وڄائي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو